صالح عباسي

صالح عباسي

صالح عباسي

صالح عباسي: ناليواري اداڪار، اديب ۽ سگهڙ صالح عباسيءَ جو پورو نالو محمد صالح عباسي آهي. سندس جنم 20 جولاءِ 1980ع تي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس تعليم ماسٽرس آهي. کيس ننڍپڻ کان اداڪاريءَ جو شوق هو، هُن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊراموجاگير’ هو. سندس مشهور اسٽيج ڊرامن ۾ ‘سنڌ جا پٽ’، ‘بلڊ آف سنڌ’، ‘فيصلو’، ‘جاڳ ڀٽائي گهوٽ’، ‘دما دم مست قلندر’، ‘دشمن’، ‘کل ته سهي’، ‘سارنگ’ وغيره. سنڌي ٽي. وي چئنل تي نشر ٿيل ڊرامن ۾ ‘يتيم’، ‘ڪوڙڪي’ ۽ ٽيلي فلم ‘گوريلا’ قابل ذڪر آهن. صالح عباسي سٺو ريڊيو آرٽسٽ، ڪمپيئر، صحافي ۽ سگهڙ پڻ آهي. هن ڪيترو وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي لوڪ ادب جي حوالي سان پروگرام ڪيا آهن. صالح عباسي روزاني فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻي ۾ ادبي صفحي جو انچارج هجڻ سميت روزانو هڪ اديبن جو خاڪو لکندو رهي ٿو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ‘روح جون رولاڪيون’ 2016ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. هي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ صالح عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.07.20  عيسوي

صالح عباسي جو جنم 20 جولاءِ 1980ع تي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سندر ڀڳوانداس
ايس جي ڀاڳيا
لطف الله حساماڻي
آغا محمد علي
پرتاب راءِ مُنشي
صاحب بن عبدالرحمان
پير پٿورو
جاني خان گبول
سيد محمد شاهه سنائي
سيد روشن علي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون